ٽڪي جي رسم

ٽڪي جي رسم: منگهي پير جي ميلي ڪراچيءَ ۾ شيدي هي رسم ادا ڪندا آهن . هي ميلي جي اهم رسم ليکي ويندي آهي ، جيڪا چار ڏينهن هلندي آهي . هن ميلي ۾ شيدين جا چار وڏا قبيلا کارادري ، لاسي ، حيدرآباد ۽ ٻيلاري ( ٻيلي وارا ) شريڪ ٿيندا آهن . هر قبيلي لاءِ ٽڪي جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ الڳ ڏينهن مقرر ٿيل هوندو آهي . پهريون ڏينهن وڏي قبيلي کارادرين لاءِ مخصوص ٿيل هوندو آهي . رسم صبح جو 9 وڳي کان مگرمان وڄائڻ سان شروع ٿيندي آهي ، جنهن تي شيدي ناچ ڪندا آهن . ان کان پوءِ رسم رفاعي جو سلسلو يعني پيالو پيارڻ جو انتظام ڪيو ويندو آهي . هن عمل کي صد ذڪري معنيٰ سو ذڪرن وارو عمل چئبو آهي . ٽڪي رسم لاءِ جنهن قبيلي جو ڏينهن مقرر هوندو آهي ، اهي گڏيل طور تي بنا عيب ڪارو ٻڪرو وٺي ذبح ڪندا آهن . ذبح ڪرڻ وقت جانور جو رت ڪشڪول ( پيالي ) ۾ ڪٺو ڪري ان رت کي مگرمان تي به لڳايو ويندو آهي . ٻڪري جي ڪنڌ جو گوشت هڪ وڏي پليٽ ۾ وجهي ان کي اڇي ڪپڙي سان ڍڪيو ويندو آهي . پيالي بابت چيو ويندو آهي ته اهو غوث اعظم جو آهي . پيالو پيئڻ وقت مرد گول دائري ۾ ويهندا آهن ۽ هٿ ۾ ٻن کان چار فوٽ جو ڏنڊو پڪڙي پيالو نوش ڪندا آهن . پيالي پيئڻ کان پوءِ کوپرڙي جو ٽڪر وات ۾ وڌو ويندو آهي . هر مريد جي واري اچڻ تي ڏنڊو هن جي هٿ ۾ ڏنو ويندو آهي .
مريدن جي پيالي پيئڻ واري رسم کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر سازن جي آوازن سان گڏ ورد ۽ ثنا جا عجيب غريب آواز به فضا ۾ گونجڻ لڳندا آهن . جنهن ۾ سنڌي ، بلوچي ، اردو ۽ آفريقي زبان جا گڏيل لفظ هوندا آهن . جيڪي اصل ۾ هڪ گڏيل دعا هوندي آهي . دعا پڙهندي سڀ وقتي جڳهين جي ڪئمپ مان تلاءَ ڏانهن روانا ٿيندا آهن . ٻارڙين جي مٿي تي رکيل ٿالين ۾ جن مان هڪ ۾ قربان ڪيل ٻڪري جي ڪنڌ جو گوشت ، ٻئي ۾ حلوو ، ٽئين ۾ سندور ( رنگ ) ۽ چوٿين ۾ گلاب جا گل ۽ هار هوندا آهن ، اهي سڀئي ٽڪو رسم لاءِ هوندا آهن . وقتي جڳهين کان تلاءُ تائين رستو پنجن منٽن جو آهي ، پر اهو ٽن ڪلاڪن ۾ طئه ڪيو ويندو آهي . ڪشتي ( تلاءُ ) لڳ پڙ ٺهيل هوندو آهي ، جتي سڀ پيرين اگهاڙا گڏ ٿي ڌمال ڪندا آهن . ڌمال آفريقي شيدين جي موت ناچ وانگر هوندي آهي . شيدين جو اهو عقيدو آهي ته ڌمالين تي جڏهن وجد طاري ٿي ويندو آهي ته ان وقت تلاءَ مان سردار واڳون جنهن کي هو ” مور “ واڳون يا لال شاهه واڳون چوندا آهن غار مان نڪري ڪناري تي ايندو آهي ، پوءِ خليفو جنهن جي هٿ ۾ ٻه ڏنڊا هوندا آهن ، ان مور واڳونءَ جو وات کوليندو آهي ۽ ٻڪري جي ڪنڌ جو گوشت واڳون جي وات ۾ وڌو ويندو آهي ۽ انهيءَ ٻڪري کي ذبح ڪرڻ وقت گڏ ڪيل رت ۽ آندل سندور سان واڳون جي مٿي تي تلڪ لڳايو ويندو آهي ۽ مٿائنس گلن جي ورکا ڪئي ويندي آهي . هن رسم کي ” ٽڪو “ چيو ويندو آهي ، جيڪا انتهائي اهم آهي . مور واڳون کي ” حاجي “ ڪري به پڪاريندا آهن . گوشت کائڻ کانپوءِ هر پاسي ” مبارڪ مبارڪ “ جا آواز ايندا آهن . اهو خوشي جو اظهار آهي ته مور واڳون قرباني قبول ڪئي آهي ۽ گوشت نه کائڻ جي صورت ۾ شيدين ۾ مايوسي ڇائنجي ويندي آهي . جيڪڏهن مور واڳون نذرانو قبول نه ڪيو ته اهي منگهي پير ۽ جليل شاهه جي درگاهه تي سلام ڀرڻ نه ويندا آهن ، واپس ميدان ڏانهن ايندا آهن ، ڀلي هن ۾ ڪيترا به ڏينهن لڳن ، ٽڪي جي رسم پوري ڪري پوءِ شيدي ٻيون رسمون ادا ڪندا آهن .
ٽڪي رسم کان پوءِ ٻيهر ڌمال ۾ مگرمان وڄايو ويندو آهي . ڌمال دوران ڏنڊا ئي مريد ۽ مريدياڻيون جڏهن وجد ۾ ايندا آهن ته انهن کي گلن جا هار پهرايا ويندا آهن . وجد ۾ ايندڙ شخص کي ڌوپ ( لوبان ) سنگهايو ويندو آهي . ڌمال کي هر حال ۾ وچين ( عصر ) جي وقت ختم ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ منگهي پير جي پراڻي درگاهه تي سلام ڀري ٽولين جي شڪل ۾ گرم چشمي ڏانهن ، جيڪو درگاهه کان هڪ ڪلوميٽر پري منگهوپير جي پراڻي قبرستان لڳ آهي ، جتي انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ماما پارسي وهنجڻ لاءِ جايون ٺهرايون ۽ ان کي ” ماما باٿ “ جو نالو ڏنو ويو . ان کان پوءِ جليل شاهه جاني جي درگاهه تي ايندا آهن ، هتي پهچي سڀ اهو نعرو لڳائيندا آهن . ” جليل شاهه جاني ڏيندو مکڻ ماني “ . گرم چشمي کي ” گرم آبهوا “ جيڪو بلوچي جو لفظ آهي به چوندا آهن .
سانجهي نماز کان پوءِ سڀ وقتي جڳهين جي ٺهيل ڳوٺ جي ميدان آمري پٽ تي اچي گڏ ٿيندا آهن . انهيءَ دوران جنهن به قبيلي جي رسم ادا ڪرڻ جو ڏينهن هوندو ان جا چڱا مڙس آل پاڪستان شيدي ڪميونٽي جي صدر سان گڏجي ڪشڪول کڻي در در تي نياز لاءِ چندو گڏ ڪندا آهن . نياز ۾ ڀت ( برياني ) زردو ، بادامي ۽ حبشي حلوو شامل هوندو آهي .
چئني برادرين کارادري ، حيدرآباد ، لاسي ۽ ٻيلارا چئن ڏينهن تائين پنهنجي ڏينهن جون رسمون پوريون ڪندا آهن ، پنجين ڏينهن ٻنپهرن جي نماز کان پوءِ منگهوپير جي مزار تي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪندا آهن ۽ ڇهين ڏينهن ٻنپهرن جي نماز کان پوءِ نانا سرڪار جي مزار جيڪا ڪئمپ جي سامهون واري قبرستان ۾ آهي ، ان تي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي . چادر کڻي وقتي جڳهين جي ڳوٺ مان جلوس جي شڪل ۾ ميداني ساز جي آواز سان گڏ نچندا درگاهه تائين پهچندا آهن . هر رسم ۾ ڌمال ۽ ناچ ضروري عنصر آهي .
ستين ڏينهن گرم چشمي تي حضرت قلندر لال شهباز سان منسوب ڪشتي تي ۽ جليل شاهه جي درگاهه تي چادر چاڙهڻ جي رسم ادا ڪرڻ سان ميلو پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو آهي .


لفظ ٽڪي جي رسمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو